علي ناصر ڌاريجو

علي ناصرڌاريجو : سنڌي ۽ اردوءَ جو ممتاز شاعر، ڪهاڻيڪار نجوم، جعفر ۽ رمل جي علمن جو ماهر علي ناصر (محجوب) دادلوءَ تعلقي پني عاقل ۾ سردار علي نواز ڌاريجي جي گھر ۾ 1961ع ڌاري ڄائو. هن تعليم دادلوءِ، پني عاقل ۽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. علي ناصر تمام پختو شاعر آهي، خاص طور تي کيس مرثيه، مثنوي ۽ غزل تي خاص دسترس حاصل آهي. هن لطيف جنتريءَ مرتب ڪئي آهي، جنهن کي سنڌ توڙي هند ۾ وڏي پذيرائي حاصل ٿي. هو علم نجوم جو ماهر آهي. سندس اشارا ۽ اڳڪٿيون صحيح ثابت ٿيندا رهيا آهن. علي ناصر مختلف ٽي. وي چئنلن تي روحاني پروگرام به ڪندو رهيو آهي، سندس دوستن جو حلقو بيحد وسيع آهي، سنڌ جي تاريخ ۽ اسلاميات سندس پسنديده موضوع رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو